شهداد فقير لانگاهه جي مزار

شهداد فقير لانگاهه جي مزار

شهداد فقير لانگاهه

شهداد فقير لانگاهه: شهداد فقير لانگاهه، ڪلهوڙا حڪمران ميان يار محمد ڪلهوڙي جو بهادر سپهه سالار ۽ خاص ماڻهن مان هو. هيءُ فوجي خدمتون سرانجام ڏيڻ کان سواءِ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي حويليءَ تي پاڻي به ڀريندو هو. ڪن روايتن ۾ ڄاڻايل آهي ته شهداد فقير ۽ صوفي شاهه عنايت پاڻ ۾ سڳا سئوٽ ۽ سالا ڀيڻويا هئا. پر مستند ڪتابن ۾ اهڙي شاهدي نٿي ملي. ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، شاهه عنايت جي شادي ملتان جي لانگاهن مان ڄاڻائي آهي. شهداد فقير، صوفي شاهه عنايت ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي وچ ۾ ٿيل جنگ جي صلح ۾ پڻ حصو ورتو. شهداد فقير لانگاهه 1156هه/ 1743ع ڌاري وفات ڪئي.
سندس تربت خداآباد، ضلعي دادوءَ ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مقبري جي ٻاهران ڏکڻ پاسي ۾ آهي، جيڪا پٿرن سان ٺهيل آهي. شهداد فقير لانگاهه جي نالي واري تختي پٿر تي اڪريل سندس پيرن کان لڳل آهي، جيڪا هن ريت لکيل آهي:
روز يکشنبه، تاريخ چهارام،
ماهه جمادالثاني، 1156هه/1743ع،
مرحوم و مغفور شهداد فقير لانگاهه
جان بحق تسليم نمود
اڳئين پاسي کان ڪلموشريف اڪريل آهي. پاسن کان آيت الڪرسي ۽ قرآني آيتون اڪريل آهن. صرف ٿوري جڳهه تي جنهن قبر تيار ڪئي ۽ چٽسالي ۽ پٿر تي اڪر جو ڪم ڪيو، تنهنجو نالو حبيب الله رهندڙ ٺٽو، فارسيءَ ۾ لکيل آهي.


لفظ شهداد فقير لانگاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو